انور پيرزادو اڪيڊمي ڪراچي

انور پيرزادو اڪيڊمي ڪراچي: سنڌ جي ناليواري صحافي ليکڪ ۽ اديب انور پيرزادي جي نالي سان منسوب هن اڪيڊميءَ جو بنياد سندس فرزند زرار پيرزادي، 2007ع ۾ رکيو. هيءَ اڪيڊمي انور پيرزادي جي وفات ڪرڻ بعد وجود ۾ آئي آهي ۽ انور پيرزادي جي اڻ ڇپيل مواد کي وقت به وقت ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪندي رهي آهي. هن اڪيڊميءَ هن وقت تائين انور پيرزادي جا اٺ ڪتاب: (1)’متان وساريو‘ (2007ع)، (2)’ڀٽائي‘ (2008ع)، (3)’موهن جو دڙو‘ (2009ع)، (4)’ممبئي ياترا‘ (سفر نامو 2009ع)، (5)’سنڌ‘ (2009ع)، (6) ’جديد سنڌي ادب‘ (2010ع) (7) انٽرويو ۽ تقريرون (2010ع) (8) ڀڻ جهڻ (2012ع) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو